سومر کي تعليمي ادارا کلندا يا نه، فيصلو اڄ ٿيندو

news

ڪراچي: سومر کان سنڌ جا تعليمي ادارا کلندا يا نه، ان جو فيصلو تعليم واري وزير سعيد غني جي صدارت هيٺ اڄ ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيو ويندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته تعليم واري وزير سعيد غني نيو سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ اڄ اهم اجلاس طلب ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ سومر 16 مارچ تي اسڪول کولڻ يا بند رکڻ جي معاملي تي غور ڪيو ويندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ممڪنه طور تي ميٽرڪ امتحانن جي تاريخ به اڳيان وڌائي سگهجي ٿي.

اجلاس ۾ خانگي ۽ سرڪاري اسڪولن جي ڊائريڪٽرز، سيڪريٽري اسڪول ۽ سيڪريٽري ڪاليجز کي طلب ڪيو ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته تعليمي ادارن ۾ احتياطي تدبيرن جي لاءِ هدايتون جاري ڪيون وينديون، اجلاس ۾ ميٽرڪ ۽ انٽر بورڊ جا چيئرمين به شرڪت ڪندا.

خيال رهي ته سنڌ حڪومت ڪورونا وائرس جي خطري کي نظر ۾ رکندي سڄي صوبي جي تعليمي ادارن ۾ 16 مارچ تائين موڪلون ڏئي رکيون آهن، جڏهن ته ميٽرڪ جا امتحان به 16 مارچ کان شروع ٿيڻا آهن.

پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جا هن وقت تائين 20 ڪيس سامهون اچي چڪا آهن، جن ۾ سنڌ مان 15 (ڪراچي 14، حيدرآباد 1) اسلام آباد ۽ گلگت بلتسان مان 2، 2 جڏهن ته ڪوئيٽا مان هڪ ڪيس سامهون اچي چڪو آهي.