چين ۾ ڪورونا وائرس جي لاءِ ٺاهيا ويندڙ اسپتال بند، ڪاليج کلڻ لڳا، ماڻهو ڪم تي وڃڻ لڳا

news

شنگهائي: ڊسمبر 2019ع ۾ چين جي شهر ووهان ۾ شروع ٿيندڙ ڪورونا وائرس هن وقت دنيا ۾ تيزي سان پکڙجي رهيو آهي، جڏهن ته سٺي خبر اها آهي ته ڄاڻايل وائرس چين مان لڳاتار ختم ٿي رهيو آهي.

ووهان کي ڪورونا وائرس جو مرڪز سمجهيو ويندو آهي، ڄاڻايل وائرس سڀ کان پهرين اتي ئي رپورٽ ٿيو ۽ اتي تيزي سان ماڻهو ان سان متاثر ٿي رهيا هئا.

ڪورونا وارئس جو مقابلو ڪرڻ لاءِ چيني حڪومت ووهان ۾ هنگامي بنيادن تي عارضي اسپتالون به بڻايون ۽ عارضي اسپتالن جو انگ وڌائي 16 تائين ڪيو ويو ۽ ان اسپتالن کي 10 کان 15 ڏينهن ۾ تيار ڪري اتي هڪ ئي وقت ڪيترن ئي مريضن کي داخل ڪري انهن جو علاج ڪيو ويو.

چيني حڪومت ووهان سميت ٻين شهرن ۾ جنوري 2020ع جي وچ ۾ اسپتال بڻائڻ شروع ڪيا هئا ۽ فيبروري جي شروعات تائين ٻين شهرن سميت ووهان ۾ مريضن جو علاج شروع ڪيو ويو هو. جڏهن ته هاڻ اتان کان خبرون اچي رهيون آهن ته ووهان ۾ ٺاهيا ويندڙ 16 اسپتال بند ڪيا ويا آهن.

چيني خابرو اداري زنوا موجب ووهان ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن ۾ واضح گهٽتائي کانپوءِ اتي ٺاهيل عارضي 16 ئي اسپتال بند ڪيا ويا آهن.