ٽنڊو محمد خان ۾ هندو برادري ۽ ٻين پاران نوجوانن جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو

news

ٽنڊو محمد خان: جهمپير ۾ قتل ٿي ويل چار هنڌو نوجوانن جي قاتلن جي گرفتار نه ٿيڻ واري عمل خلاف حق سچ فلاحي تنظيم يونٽ فتح پور ۽ هنڌو برادري جي ماڻهن پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان اڳيان ساجن ڪولهي ، حميرو ڪولهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

انهئي موقعي تي مظاهرين کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڪجهه ڏينهن پهرين جهمپير ۾ هنڌو عورت ۽ چار معصوم ٻارڙن کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو هو . جن جا قاتل سرعام گهمي رهيا آهن پر جهمپير پوليس سندن گرفتاري لاءِ ڪو به قدم نه کنيو آهي.

جيڪا اسان جي هنڌو برادري سان سراسر ناانصافي آهي . هڪ عورت سميت چار معصوم ٻارڙن جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ جي ڪري وڌيڪ نقصان ڪري سگهن ٿا . هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته چار معصوم ٻارڙن ۽ عورت جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.