اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻاڙائي، هڪ هفتي ۾ ٽي سئو سٺ ارب روپيا ٻڏي ويا

news

اسلام آباد: سموري دنيا وانگر پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ به هلندڙ ڪاروبار ۾ ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ سيڙپ ڪيل 360 ارب روپين کان وڌيڪ ٻڏي ويا.

هڪ خبر موجب ڪورونا وائرس ۽ تيل جي اگهن ۾ ريڪارڊ گهٽتائي دنيا جي اسٽاڪ ايڪسچينج کي ٻاڙائي جو شڪار ڪري ڇڏيو آهي جنهن جا اثر پاڪستان تي به پئجي رهيا آهن.

9 کان 13 مارچ جي ڪاروباري هفتي دوران هنڊريڊ انڊيڪس ۾ مجموعي طور تي 2 هزار 158 پوائنٽس جي گهٽتائي ڏٺي وئي ۽ ڪاروبار هفتي جي آخر ۾ انڊيڪس 36 هزار 60 جي سطح تي بند ٿيو، سموري هفتي ۾ مختلف ڪمپنين جا هڪ ارب 32 ڪروڙ شيئرز جا سودا ٿيا جن جي مجموعي رقم 63 ارب روپين کان وڌيڪ آهي ۽ سيڙپڪارن کي ڪل 360 ارب روپين جو نقصان ٿيو.

ياد رهي ته هلندڙ هفتي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 2 ڀيرا ڪريش ٿي ۽ ڪاروباري سرگرمين کي ڪجهه وقت لاءِ معطل ڪيو ويو.