نوابشاهه ۾ پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسي ايشن جي نين چونڊجي آيل عهديدارن جي حلف برداري تقريب ٿي گذري

news

نوابشاهه: پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسي ايشن جي نين چونڊجي آيل عهديدارن جي حلف برداري تقريب ايڇ ايم خوجه آڊيٽوريم هال نوابشاهه ۾ ٿي گذري.

حلف برداري تقريب ۾ صوبائي صدر محمد اسماعيل جسڪاڻي، جنرل سيڪريٽري اعجاز شاهه ڪاظمي، چيئرمين ڪانڊيرو خان راهو، زرداري هائوس جو ترجمان شيز باز مري، عبدالطيف رستماڻي سميت بلوچستان ۽ سنڌ جي مختلف شهرين جي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي حلف برداري تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي صدر محمد اسماعيل جسڪاڻي ۽ ٻين چيو ته اڄ جي تقريب جو مقصد اهو آهي ته اسان پنهنجي اسٽاف کي ڪرونا وائرس جي باري ۾ آگاهه ڪيون ته هن خطرناڪ وبا کان پاڻ کي ڪئين بچائجي.

هنن چيو ته پنهنجي جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ اڄ سڄي سنڌ جو اسٽاف نوابشاهه ۾ گڏ ٿيو آهي  ۽ اسان جا جائز مطالبا آهن ته جنهن ۾ سروس اسٽيڪچر آهي، هيلٿ پروفيشنل الائونس آهي، ٽائيم اسڪيل جي سمري جيڪا اڃان تائين فنانس کاتي وٽ رُڪيل آهي اها ڏني وڃي.

هنن چيو ته اسان جو مطالبو آهي ته پيرا ميڊيڪل ايسوسي ايشن جي لاءِ ڪائونسل ٺاهي ڏني وڃي ته جئين پيرا ميڊيڪل رجسٽرڊ ٿي سگهي سميت ٻيا کوڙا سارا مطالبا آهن جيڪي اسان جا اسان تائين پورا نه ڪيا ويا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته اسان جا جائز مطالبا پورا ڪيا وڃن