مورو ڀرسان ڳوٺ الهداد عالماڻي ۾ پورهيت مبين عالماڻي جي پنج سالا ٻارڙي کي پوليو ظاهر

news

مورو: مورو ڀرسان ڳوٺ الھداد عالماڻي جي رھواسي پورھيت مبين عالماڻي جي پنجن سالن جي ڌيءَ حسنا عالماڻي کي پوليو ظاھر ٿيو آھي اھڙي خبر پوڻ تي ضلعي نوشھروفيروز پوليو ٽيم جي اڳواڻ ڊاڪٽر غلام علي سولنگي جي اڳواڻي ۾ ٽيم نينگري جي گھر پھتي جتي پوليو ۾ مبتلا نينگري حسنا عالماڻي جي چڪاس ڪئي ۽ تفصيل ورتا.

ان موقعي تي نينگري جي وارثن ٻڌايو ته اسان جي ڳوٺ ۾ پوليو ٽيم ڦڙا پيارڻ ايندي آھي ۽ اھي اسان پنھنجي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پياريندا آھيون ڪجھ وقت اڳ مذڪورہ نينگري کي چھري تي اثر پيو جنھن جو اطلاع صحت کاتي کي ڏنو ھو جنھن کانپوءِ ٽيم پھتي ۽ نينگري جا سمپل وٺي کڻي وئي ھئي جنھن ۾ کيس پوليو ھجڻ جي تصديق سامھون آئي آھي جنھن سبب اسان سخت پريشان آھيون،

جڏھن ته ڊپٽي ڪمشنر نوشھروفيروز راؤ بلال شاھد جي حڪم تي ڊاڪٽر جي اڳواڻي ۾ پوليو ٽيم ڳوٺ پھچي نينگري جي پوليو بابت تفصيل ورتا، آيل ٽيم ٻڌايو ته ڪجھ وقت پھريان نينگري حسنا عالماڻي جا سمپل وٺي ليبارٽي موڪليا ويا ھئا جنھن بعد پوليو ظاھر ٿيو آھي اسان ڳوٺاڻن کان معلومات پڻ ورتي آھي جن جو چوڻ آھي ته پوليو ٽيم ايندي آھي جيڪي ڳوٺ جي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پياريندي آھي وڌيڪ ھن ڳوٺ ۾ ٽيسٽون ڪرايون وينديون.

جڏھن ته نينگري جي والد مبين عالماڻي ٻڌايو ته مان مسڪين پورهيت آھيان ۽ مزدوري ڪري ٻچڙن جو پيٽ گذر ڪندو آھيان مون وٽ ايتري سگھ ناھي جو علاج ڪرائي سگھان ان ڪري سنڌ حڪومت ۽ صحت کاتو نينگري جو علاج ڪرائي کيس معذور ٿيڻ کان بچايو وڃي،

ھوڏانھن ڊپٽي ڪمشنر نوشھروفيروز راؤ بلال شاھد چيو ته پوليو ظاھر ٿيڻ جي رپورٽ ملي آھي ۽ رپورٽ ملڻ شرط پوليو ٽيم کي ڳوٺ موڪليو آهي جنهن کي مڪمل تفصيل وٺي رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڪيو آهي جيئن رپورٽ ايندي ته وڌيڪ نينگري جي علاج لاء ڪوششون ورتيون وينديون،

ھوڏانھن ڳوٺ ۾ پھتل ٽيم سان گڏ پوليو جو ايريا انچارج اسلم ميمڻ، غلام نبي عالماڻي، ليڊي هيلٿ ورڪر ۽ ٻيا پڻ موجود ھيا.