مهانگائي جو ڪارڻ حڪومت آهي، جيڪا عوام جي نمائنده ناهي: شاهد خاقان عباسي

news

ملتان: پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ملڪ ۾ مهانگائي جو ڪارڻ حڪومت کي قرار ڏيندي چيو آهي ته اها حڪومت عوام جي نمائندا ناهي.

ملتان ۾ جاويد هاشمي سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته اها حڪومت ڪريل آهي، ان کي وڌيڪ ڪيرائڻ جي ضرورت ناهي، اسان چاهيون ٿا ته تبديلي اهڙي هجي جو ملڪ ۾ جمهوريت به قائم هجي ۽ ملڪ جمهوريت به قائم رهي ۽ ملڪ ۾ حڪومت به آئين موجب هلي سگهي.

هن جو چوڻ هو ته پاڪستان جي ترقي ۾ جيڪي رڪاوٽون آهن، ان کي سڄو پاڪستان ڄاڻي ٿو، اها حڪومت تڪراري اليڪشن جي نتيجي ۾ آئي، ان جي ناڪامي به سڄو پاڪستان محسوس ڪري رهيو آهي، ملڪ ۾ مهانگائي جو سيلاب آهي ۽ بيروزگاري هر گهر ۾ آهي، ان جو صرف هڪ سبب حڪومت آهي، جيڪا عوام جي نمائندا ناهي.

هن جو چوڻ هو ته چاهيون ٿا ته عوام جا چونڊيل نمائندا مسئلا حل ڪن پر اپوزيشن جي خلاف ڪوڙا ڪيس ٺاهيا پيا وڃن، ڏيڍ سال ٿي ويو آهي، هن وقت تائين هڪ الزام به ثابت ناهي ٿي سگهيو.