چوهڙ جمالي ڀرسان ايران کان همراهه جي گهر پهچڻ تي انتظاميا ۾ ٿرٿلو، ڪرونا وائرس جي اسڪريننگ لاء ميڊيڪل ٽيم پھچي وئي

news

چوھڙجمالي: چوھڙجمالي ڀرسان ايران کان ماڻھن جي گھر پھچڻ جي اطلاع تي انتظاميا ۾ ٿرٿلو مچي ويو ڊپٽي ڪمشنر سجاول جي نوٽيس وٺڻ تي ڪرونا وائرس جي اسڪريننگ لاء ميڊيڪل ٽيم پھچي ويئي ھڪ شخص ٽيم جي موجودگي ۾ ايران کان گھر پھتو

خبر موجب : چوھڙجمالي پريس ڪلب جي صحافين پاران چوھڙجمالي جي ڀرسان درگاھ شاھ يقيق لڳ شيخ ڳوٺ ۾ ايران کان مقامي رھواسين جي آمد جي اطلاع تي ضلعي سجاول ۾ ھنگامي حالتن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندي شادين سياسي مذھبي جلسن جلوسن ريلين توڙي سمورين سرگرمين تي پابندي لڳائي ويئي آھي جڏھن ته ايمر جنسي بي بنياد تي ڪرونا وائرس جي حوالي سان مقرر ڪيل فوڪن پرسن ڊاڪٽر ابراھيم ميمڻ ۽ عبدالفتاح لوھار جي اڳواڻي ۾ چوھڙجمالي ڀرسان ايران کان اڄ ئي گھر پھچندڙ ھڪ نوجوان دولت ولد سڌير احمد سامي جي پڻ اسڪريننگ ڪئي ويئي کيس 15 ڏينھن لاء کيس الڳ گھر ۾ رھڻ ۽ گھر ڀاتين کان پري رھڻ جي ھدايت ڪئي ويئي.

جڏھن ته ميڊيڪل ٽيم طرفان ڪجھ وقت اڳ ايران کان آيل ڳوٺاڻن غلام محمد شيخ محمد اسلم  ممتاز شيخ جي به  اسڪريننگ ڪئي ويئي ۽ کين پندرھن ڏينھن لاء گھر ۾ رھڻ جو پابند ڪيو ويو  ٻئي طرف ڊاڪٽر ابراھيم ميمڻ  ٻڌايو ته  ايران کان ماڻھن جي ھتي اچڻ جي  نشاندھي تي پھچي جائزو ورتو آهي کين ڪرونا وائرس جي خدشي سبب سمورن ماڻھن کي پندرھن ڏينھن لاء گھرن اندر رھڻ لاء پابند ڪيو ويو آھي ۽ سمورن ماڻھن جي اسڪريننگ پڻ ڪئي ويئي.

ھن وديڪ ٻڌايو ته ايران مان آيل وديڪ ٻن ڄڻن مان ھڪ ڄڻو جلال شيخ راھو ڪي ضلعو بدين ۽ علي اڪبر شيخ نالي ھمراھ درگاھ شاھ گوھر گنج ٺٽو شفٽ ٿي ويا آھن ٻئي طرف ڊي سي سجاول محمد اسماعيل ميمڻ چوھڙ جمالي جي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ڪرونا وائرس سبب ضلعي ۾ شادي ھالن توڙي ميڙاڪن ميلن جلسن تي بندش لڳائي آھي ضلعي جي عوام کي ھر وقت محتاط رھڻ کپي احتياتي تدبيرون اختيار ڪرڻ گھرجن.

ھنگامي بنيادن تي سيل پڻ قائم ڪيو ويو آھي ضلعي سجاول جي عوام کي گھرجي ته ايران يا ٻين ملڪن کان ايندڙ ماڻھن جي آمد جي اطلاع فراھم ڪن ته انھن جي اسڪريننگ ڪري انھن ۽ انھن جي گھرڀاتين کي محفوظ بڻايو وڃي.