ڪرونا وائرس خلاف سنڌ حڪومت جا کنيل قدم ساراھ جوڳا آھن: صوبائي صلاحڪار سيد قاسم نويد

news

ٽنڊو محمد خان: وفاقي حڪومت جي اقتصادي معاشي غلط رٿابندي جي ڪري ملڪ معاشي بدحالي جو شڪار ٿي رهيو آهي  افسوس جو مقام آهي ته ملڪ جو وزيراعظم  ملڪي تاريخ ۾ عوام سان ڪيل سمورن واعدن تان يوٽرن جو رڪارڊ قائم ڪيو آھي پي ٽي آءِ حڪومت جي غلط پاڪيسن ڪري  ملڪ جي اندر معاشي طور بحران پيدا ٿي رهيو آهي.

ڪرونا وائرس خلاف سنڌ حڪومت جا کنيل قدم ساراھ جوڳا آھن, اھڙو اظھار صوبائي صلاحڪار سيد قاسم نويد ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ت  اٽي کنڊ ، گيھ ، دال سستي ڪرڻ جا وري ٻيهر غريب عوام کي خواب ڏيکاري ماضي جيان مهنگائي جي شرع گهٽائڻ بجاءِ وڌائي ڇڏي آهي ، غريب مسڪين عوام پنهنجي روز مرھ جي کاڌ خوراڪ جي استعمال واري سگھ کان متاثر ٿي فاقا ڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آهي ھن چيو ت پرڏيهي اقتصادي پاليسي مان ملڪي تجارت کي ڪاپاري نقصان رسيو آهي.

صرف عوام کي سکڻا دلاسا ڏيئي عوام کي پريشان نه ٿيڻ جا دعوى ڪري هاڻي سمورا واعدا عوام جي آڏو ابتڙ ظاهر ٿي ويا آهن  ھن چيو ت پنهنجي سياسي مخالفن خلاف الزام تراشي جي ذريعي  انتقامي سياسي ڪاروائين باوجود ڪو به نتيجو حاصل ٿي نه سگهيو آهي ،

نه وري سياسي مخالفن تي لڳايل الزام ثابت ٿي سگهيا آهن ، ماضي ۾ اڳوڻين حڪومتن ۾ ڪو به بحران پيدا نه ٿيو هو نه وري عوام اقتصادي معاشي حالتن ۾ بدحالي جو شڪار ٿيو  ھن چيو ت  اين ايف سي ايوارڊ ۾ وفاقي حڪومت جي پاليسي اڃان تائين صوبن لاءِ فائديمند ثابت ٿي نه سگهي آهي ، اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن کي پنهنجا حق  هر حالت ۾ برابري جي بنيادن تي صوبن ۾ اين ايف سي ايوارڊ جي ورڇ ڪرڻي پوندي ،

سنڌ صوبو قدرتي وسيلن کان مالا مال هجڻ ڪري 71 فيصد گئس ، تيل جي پيداوار ڏيئي رهيو آهي پر باوجود ان جي وفاق سنڌ کي پنهنجو جائز حق ڏيڻ ۾ رڪاوٽون پيدا ڪري رهي آهي ،ھن چيو ت سنڌ جي ھر ظلعي اندر ڪرونا جي روڪٿام لاء سينٽر کوليا ويا آھن وزير اعلا پاڻ دورا ڪري رھيو آھي ڳوٺن شھرن ۾ اسپري شروع ڪيا ويا آھن.