ٽنڊو محمد خان ۾ زرعي زمين تي بااثرن پاران قبضي واري عمل خلاف شيخ برادري احتجاج

news

ٽنڊو محمد خان: ذاتي ملڪيت واري زرعي زمين تي بااثرن پاران زبردستي قبضو ڪرڻ واري عمل خلاف شيخ برادري جي ماڻهن گلزار شيخ ، دين محمد شيخ ، منور شيخ ، سومار شيخ ۽ سنڌ ملاح فورم جي اڳواڻ پپو ملاح ، شهزاد ملاح ۽ ٻين پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هڻندي چيو آهي ته اسان جي ذاتي ملڪيت واري زرعي زمين تي نظاماڻي برادري جي بااثر لياقت علي نظاماڻي ، راجا نظاماڻي زبردستي قبضو ڪري زمين تي بيٺل لکين روپين جي ماليت جي فصل ڪٽرائي وڪرو ڪري رهيا آهن.

هنن چيو ته تعلقه ٽنڊو غلام حيدر جي ديهه جيو ۾ 20 سالن کان مٿي واري ذاتي ملڪيت زرعي زمين تي قبضو ڪري اسان جي فصلن کي ڪٽرائي وڪرو ڪري رهيا آهن . جڏهن ته منع ڪرڻ تي بااثر ڌر پاران اسان کي جان کان مارڻ ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڌمڪيون ملي رهيون آهن.

اسان غريب مسڪين ماڻهون آهيون . بااثر ڌر خلاف ڪيتري ئي ڀيرا اعلي اختيارين کي لکت سميت درخواستون ڪيون سين پر اسان جي ڪو به ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي.

هنن وزير اعظم پاڪستان ، چيف جسٽس آف پاڪستان سميت اعلي اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته قبضي هيٺ آيل زرعي زمين تان قبضو ختم ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.