ڪورونا وائرس: ڊيره اسماعيل خان ۾ قلم هڪ سئو چوئيتاليهه لاڳو

news

پشاور: (آچر 15 مارچ 2020ع)  ڪورونا وائرس کي نظر ۾ رکندي ڊيره اسماعيل خان ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي.

رپورٽ موجب ڪورونا وائرس جي خطري کي نظر ۾ رکندي سڄي ضلعي ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي. انتظاميه موجب 5 يا 5 کان وڌيڪ ماڻهو گڏ ٿيڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.

ان کان علاوه احتياطي تدبيرن جي طور تي مختلف تقريبون، پروگرا، مجلسون، جلسا، ميلا ۽ عوامي ميڙن تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. ضلعي انتظاميه جو چوڻ آهي ته شهرين طرفان جلسي، جلوسن ۽ موسيقي جي پروگرام تي لڳل پابندي جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

واضح رهي ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر  جي انگ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. ڪورونا سبب سڀني کان وڌيڪ 13 ڪيس سنڌ ۾ آهن.

بلوچستان ۾ 6، اسلام آباد ۾ 4 ۽ گلگت بلتستان ۾ 3 مريض داخل آهن.  گهڻن مريضن جي حالت خطري کان ٻاهر آهي ۽ ڪنهن به مريض جي فوتگي جو ڪيس سامهون ناهي آيو.