لاڙڪاڻو پوليس مختلف ٿاڻن جي حدن ۾ ڇهه ڄڻن کي ڏوهاري ڄاڻائي مبينا هاف فراءِ ڪري ڇڏيو، وارثن جو ڌرڻو

news

لاڙڪاڻو : لاڙڪاڻو پوليس مختلف ٿاڻن جي حدن ۾ 6 ماڻهن کي ڏوهاري ڄاڻائي مبينه ھاف فراء ڪري ڇڏيو وارثن جو ڌرڻو روڊ بلاڪ پوليس خلاف نعريبازي ڪئي وئي.

جڏهن ته مبينه پوليس مقابلي ۾ زخمي ٿيلن ۾ خدا بخش عرف خدو جلباڻي،  سڌير چانڊيو، سجاد ڀٽو، محسن شاهه، الطاف لاشاري، منصور تنيو شامل آهن پوليس موجب زخمي ٿيلن مٿان ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي چوري، ڦر، ڌاڙن، پوليس مقابلن جا ڪيترائي ڪيس داخل ٿيل آهن،

جڏهن ته مبينه پوليس مقابلي بعد زخمين کي ڌار ڌار چانڊڪا اسپتال جي شعبه حادثات واري وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي زخمي ٿيلن کي ساڳئي ئي هنڌ تي گولي لڳڻ جو انڪشاف پڻ ٿيو آهي ٻئي پاسي مبينه پوليس مقابلي ۾ زخمي ٿيل سڌير چانڊيو جي وارثن پاران پوليس خلاف ايس ايس پي چوڪ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

جتي پوليس خلاف عورتن ڇتي نعريبازي پڻ ڪئي جڏهن ته احتجاج ۾ شريڪ عورتن شبانا، شمائلا، روبينه چانڊيو ۽ بين چيو ته پوليس اسان جي نوجوان سڌير کي ٽي ڏينهن اڳ موبائيل ٽريس جي الزام هيٺ بي گناھ گهران کڻي وئي هئي جنهن جي آزادي لاءِ پوليس 5 لک رپيه گهر به ڪئي هئي پئسا ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ تي پوليس اسان جي نوجوان کي ڪوڙي مقابلي ۾ ٽنگ ۾ گولي زخمي ڪري کيس ڏوهاري ڄاڻايو ويو آهي جيڪو وڏو ظلم آهي.

هنن ٻڌايو ته اسان جي نوجوان مٿان ڪو به ڪيا وغيره داخل ٿيل ناهي ڪوڙي مقابلي بعد اهڙو ئي ڪيس سندس مٿان داخل ڪيو ويو آهي هنن آء جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته پوليس جي اهڙي ناجائزي جو نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.