سڪرنڊ ۾ شهباز ويلفيئر ايسوسيئيشن جي ستاويهين سالگرهه ۽ نون چونڊجي آيل عهديدارن جي حلف برداري تقريب ملهائي وئي

news

سڪرنڊ: شھباز ويلفيئر ايسوسي ايشن سڪرنڊ جي 27 سالگرھ  ۽ نون چونڊجي آيل  عھديدارن جي حلف برداري تقريب سڪرنڊ لڳ ڳوٺ 21 دڌ ۾ شاندار نموني ملھائي وئي.

ان موقعي تي تقريب جي مھمان خاص نوابشاھ پريس ڪلب جي صدر ذوالفقار خاصخيلي چونڊيل عھديدارن ۽ ايسوسي ايشن جي سالگرھ جي حوالي سان مبارڪون ڏنيون ۽ چيو ته سالگرھ ملھائڻ جو حق صرف انھن کي ھوندو آھي جن جي جاکوڙ ۽ اڻٿڪ محنت سندن ڪردار جي  شاھدي ڏي ـ انھن جون  خدمتون محض عوامي ۽ سماجي بنيادن تي ھجن.

انھن جون ڪاوشون سياسي مذھبي لساني ذاتيات يا قبيلائي متڀيد کان بالاتر ھجن ۽ ھي خوشيء جي ڳالھ آھي جو شھباز ويلفيئر ايسوسي ايشن نج سماجي ڀلائيء جي لاء ڪم ڪري ٿي ـ ايسوسي ايشن جي چونڊجي آيل نئين صدر محمد وارث نوناري چيو ته اسان کي اڄ جيڪا عزت ۽ مان مليو آھي اھو تنظيم جي سمورن دوستن جي ڏينھن رات محنت ,ماڻھن جي اھنجن ۽ دردن جي وقت سھائتا ۽ بناتفريق جي خدمت خلق جي ڪري ملي آھي ـ اسان جي تنظيم نه صرف فلاح ۽ بھبود لاء ڪم ڪري ٿي پر ڪيترن ئي ترقياتي منصوبن جي حاصلات لاء پڻ جاکوڙي ٿي ۽ ان جدوجھد جو سلو پڻ مليو آھي.

سڪرنڊ پريس ڪلب جي صدر محمد صديق منگيو چيو ته شھباز ويلفيئر ايسوسي ايشن جو ڪم عيان ۽ ظاھر آھي ـ سندن خدمتون قابل تعريف آھن ھن ڳوٺ ۾ جيترا ترقياتي ڪم ھن تنظيم ڪرايا آھن ايترا چونڊيل نمائيندن به نه ڪرايا آھن.

ھي دوست پنھنجي ايسوسي ايشن جي پليٽفارم تان ھتان جي ستايل ماڻھن سان گڏجي احتجاج ڪن ٿا ۽ مسئلا حل ڪرائين ٿا جيڪا وڏي خدمت آھي ـ تعليم لاء جاکوڙيندڙ ڪردار رحمت الله ٻلال عھديدارن کي مبارڪون ڏيندي چيو ته توھان جي سماجي خدمتن کي سلام پيش ڪيان ٿو پر پنھنجيون وڌ ۾ وڌ صلاحيتون تعليم لاء صرف ڪريو ڇو ته تعليم شعور ۽ پنھنجا حق سڃاڻڻ جو نالو آھي.

شھزادو جسڪاڻي رياض احمد شر عبدالحميد آرائين سيد قربان شاھ   قادر بخش رند ولي محمد ڀٽي رائو ظفر الله  حاجي عبد الله مگسي مير محمد ڪيريو  پڻ تقريب ۾ موجود ھئا.