آمريڪا جي جانورن جي بيمارين جي مشهور ڊاڪٽر عنايت حسين ڪاٺيو سنڌ زرعي يونيورسٽي جو دورو

news

ٽنڊوڄام: آمريڪا جي جانورن جي بيمارين جي مشهور ڊاڪٽر عنايت حسين ڪاٺيو سنڌ زرعي يونيورسٽي جو دورو ڪيو. ڊاڪٽر ڪاٺيو زرعي يونيورسٽي جي ڊي وي ايم فيڪلٽي جي پوسٽ گريجوئيٽ شاگردن کي ليڪچر پڻ ڏنو.

انهي موقعي تي هن ڳالهائيندي چيو ته موجوده ڪرونا وائرس جي وبا اٺن، ڪتن، ٻلين، ڪوئن ۽ ٻين جهنگلي جانورن مان پڻ انسانن ۾ منتقل ٿي سگهي ٿي, تنهنڪري ڪتن، ٻلين ۽ ٻين جانورن کان به پاسو ڪرڻ جي ضرورت آهي.

هن چيو ته جانورن جو مدافعتي نظام انسانن کان وڌيڪ سگهارو هجڻ سبب ڪرونا جو وائرس انهن کي ايڏو متاثر نٿو ڪري، پر اهو وائرس انهن جانورن مان انسانن ۾ منتقل ٿي انهن کي سخت متاثر ڪري سگهي ٿو. تنهنڪري جانورن کان به خاص احتياط ڪرڻ گهرجي.

هن چيو ته جانورن جي ڊاڪٽرن کي به جانورن جي علاج دوران خاص احتياطي اپاءُ وٺڻ گهرجن ۽ جانورن جي علاج يا آپريشن کان اڳ ۽ پوءِ جراثيم ڪش اسڪرب پايوڊين استعمال ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته متاثر جانورن کي به آئيسوليٽ ڪري بند ڪمرن يا بند پڃرن ۾ رکڻ گهرجي. اهڙن جانورن کي وٽامنس ۽ قوت مدافعت وڌائيندڙ دوائون ڏنيون وڃن.

انهي موقعي تي سنڌ زرعي يونيورسٽي جي ڊي وي ايم فيڪلٽي جي سرجري ڊپارٽمنٽ جو انچارج ڊاڪٽر احمد نواز تنيو به موجود هو.

انهي کان اڳ سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي سنڌ زرعي يونيورسٽي پهچڻ تي ڊاڪٽر عنايت حسين ڪاٺيو جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ کيس اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو.