نوابشاهه جي علائقي ڄام صاحب روڊ جي رهواسي ڀينرن ۽ ڀائرن جو ڀينرن خلاف احتجاج

news

نوابشاهه: نوابشاهه جي علائقي ڄام صاحب روڊ جي رهواسي عبدالستار، فيضان آرائين، طاهره بي بي، ماهم، رخسانه ۽ ٻين سان گڏ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪرڻ بعد نوابشاهه پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اسان جي ٻن سڳين ڀينرن ثمينه ۽ ياسمين آرائين اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي،

هن چيو ته اسان جون ٻئي ڀينرون 2017 ۾ والد جي وفات کانپوءِ اسان جي گهر آيون ۽ اسان کين چيو ته توهان کي پنهنجي ملڪيت جو حصو ڏيون پر هنن چيو ته اسان توهان سان گڏ رهنداسين جنهن بعد هنن اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.

۽ گذريل 8 مارچ عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي جو فائدو وٺي پنهنجو پاڻ کي ڇرين جا چهڪ ڏئي اسان تي ڪيس داخل ڪرايو جنهن بعد وومين ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو ۽ پوليس 15 سالن جي معصوم نياڻين ماهم، منهنجي ڀاڄائي طاهر بي بي ۽ سندس تازي ڄاول 18 ڏينهن جي ٻار کي گرفتار ڪري حيدرآباد جيل موڪلي ڇڏيو هو.

۽ اسان گذريل ڏينهن آزاد ٿي گهر پهتا آهيون ته وري اسان خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي ۽ اسان کي ڪڏهن پوليس، ڪڏهن ته اين جي او ته ڪڏهن عدالت جون ڌمڪيون ڏين ٿيون،

فيضان آرائين چيو ته اسان سان انصاف نه ٿيو ته مان پنهنجي پاڻ کي باهه ڏئي ساڙيندس جنهن جون ذميوار منهنجي ڀيڻون ثمينه، ياسمين آرائين ۽ نوابشاهه انتظاميه هوندي.