نوابشاهه جي ڳوٺ کٻڙ خان رند جي رهواسي جو گهرواري سميت نياڻي جي بازيابي لاءِ احتجاج

news

نوابشاهه: تعلقي نوابشاهه جي ڳوٺ کٻڙ خان رند جي رهواسي دادن رند پنهنجي گهر واري ۽ وڪيل رضوان ميمڻ سان گڏ نوابشاهه پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته مونکي پنج نياڻين جو اولاد آهي جڏهن ته منهنجي ننڍي نياڻي نديمان جنهن جي عمر اٽڪل 13 سال آهي،

هن چيو ته 7 فيبروري تي اسان گهر ۾ ستل هئاسين ته جوابدار سڪندر ۽ ظفر رند گهر ۾ داخل ٿي هٿيارن جي زور تي ذبردستي منهنجي نياڻي نديمان کي اغوا ڪري ويا  ۽ اسان رڙيون ڪيون ته ٻنهي جوابدارن سڌا فائر ڪيا جنهن جي ڪري اسان خوف مان ڇپ رهياسين ۽ جوابدار ذبردستي موٽر سائيڪل تي منهنجي نياڻي کي قاضي احمد جي ڪچي واري علائقي ڏانهن اغوا ڪري ويا،

هن چيو ته مان اهڙي دانهن پنهنجي برداري جي عزيزن ۽ چڱن مڙسن کي ڏني جن مونکي چيو ته توکي 7 ڏينهن جي اندر نياڻين واپس ٿيندي ليڪن منهنجي نياڻي واپس نه ٿي جنهن بعد مون ايس ايس پي نوابشاهه کي درخواست ڏني جنهن ايس ايڇ او قاضي احمد کي حڪم ڪيو ته هنن سان انصاف ڪيو وڃي ۽ پوءِ نواب ولي محمد پوليس چوڪي جو انچارج دائود رند هڪ جوابدار ظفر رند کي گرفتار ڪري آيو ليڪن بعد ۾ آزاد ڪري ڇڏيو ۽ پوليس اسان کي چيو ته هڪ ئي برادري جا آهيو پاڻ ۾ فيصلو ڪيو،

هن چيو ته جوابدار تنوير پنجابي، عزيز پنجابي ۽ محمد پول جي مدد سان اسان جي نياڻي کي لياقت پور ۾ باندي بڻايو ۽ جوابدارن وري 2 مارچ تي منهنجي پٽ کي اغوا ڪري کڻي ويا آهن، هن چيو ته اسان غريب ماڻهو آهيون جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري اسان جي مدد ڪئي وڃي.