ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ڊويزن سيد محسن علي شاهه جي صدارت ۾ ڪورونا وائرس کي حفاظتي انتظامن بابت اجلاس

news

نوابشاهه: ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ڊويزن سيد محسن علي شاهه چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي ڦھلجڻ کي روڪڻ لاءِ عوام پنھنجو قومي فريضو ادا ڪندي حڪومت ۽ انتظاميه سان تعاون ڪري ته جئين ان وائرس کي ڦھلجڻ کان روڪي سگھجي اھڙن خيالن جو اظھار ھن ڪمشنر آفيس جي ڪميٽي روم ۾ ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کي ڦھلجڻ کان روڪڻ جي پيش نظر ڊويزن ۾ ڪيل حفاظتي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ ٿيل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.

اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر سانگھڙ مرزا ناصرعلي،ايڊيشنل ڪمشنر شھيد بينظيرآباد فياض حسين راھوجو،ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد جنيد حميد سمون،ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر نوشھرو فيروز تاشفين عالم، ،ٽنھي ضلعن جي ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسرن،تعليم،پوليس کاتي کان علاوہ لاڳاپيل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي.اجلاس کي خطاب ڪندي ڪمشنر سيد محسن علي شاهه وڌيڪ چيو  ملڪ بلخصوص صوبي ۾ ڪورونا وائرس جا ڪيس وڌڻ ڳڻتي جوڳي ڳالهه ضرور آھي پر سنڌ حڪومت ھنگامي بنيادن تي قدم کڻي وائرس کي ڦھلجڻ کان روڪڻ لاءِ وائرس ۾ مبتلا مريضن کي علاج جون سھولتون فراھم ڪرڻ سان گڏ عوام کي ڪورونا وائرس کان بچائڻ لاءِ ڪوششون وٺي رھي آھي.

ھن چيو ته ھن وقت تائين الله پاڪ جي ڪرم سان صورتحال ڪنٽرول ۾ آھي ان جي باوجود اسان کي ھر طرح جي صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ تيار رھڻون پوندو. ڪمشنر سيد محسن علي شاهه ڊپٽي ڪمشنرن کي ھدايت ڪئي ته سنڌ حڪومت پاران شادي تقريبن،مذھبي ۽ عوامي ميڙاڪن،جلسن جلوسن درگاھن تي لڳايل پابندي کي ھر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي جڏھن ته ايران،چين ۽ ٻين متاثر ملڪن مان ايندڙ ماڻھن جي نشاندھي ڪري سندس اسڪريننگ ٽيسٽ ڪرائي وڃي.

ھن کين اھا پڻ ھدايت ڪئي ته عوام ۾ ڪورونا وائرس کان بچاءُ لاءِ حفاظتي انتظامن سان گڏ احتياطي تدبيرن بابت آگاھي فراھم ڪئي وڃي جڏھن ته رضاڪارن ۽ اسڪائوٽس جون لسٽون تيار ڪري سندس آفيس کي ڏياري موڪليون وڃن. ڪمشنر صحت کاتي جي عملدارن کي ھدايت ڪئي ته ھو پنھنجون ٽيمون فعال بڻائي زيارتن تان موٽندڙ ماڻھن ۽ سندس خاندان جي اسڪريننگ ڪرڻ لاء تڪڙا قدم کڻن ان کان علاوہ ائيسوليشن وارڊن ۾ ڊاڪٽرن،پيرا ميڊيڪل عملي ۽ ضروري سامان جي دستيابي کي يقيني بڻائين ته جئين ڪنھن بہ ايمرجنسي کي فوري منھن ڏئي سگھجي.

ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنرن ۽ صحت کاتي جي عملدارن پاران ڪورونا وائرس کان بچاءُ لاءِ کنيل حفاظتي قدمن ۽ عوام ۾ آگاھي بيدار ڪرڻ سميت سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل ھدايتن تي عملدرآمد ڪرائڻ بابت تفصيلي آگاھي ڏني. ان موقعي تي ڪمشنر سيد محسن علي شاهه عوام کي پڻ اپيل ڪئي ته ھو ڪورونا وائرس کان بچاءُ لاءِ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ سان گڏ سندس پاڙي يا علائقي ۾ ٻاھرين ملڪن مان ايندڙ ماڻھن جو اطلاع ڪمشنر آفيس جي ڪنٽرول روم يا لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي قائم ڪنٽرول روم تي ڏين ته جئين متاثر ٿيندڙ ماڻھن کي آئسوليشن وارڊ ۾ منتقل ڪري سندس علاج ڪرائي سگھجي ۽ ڪورونا وائرس کي ڦھلجڻ کان روڪي سگھجي.

ٻئي طرف ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد ابرار احمد جعفر ھڪ آرڊر جاري ڪندي ملڪ ۽ صوبي ۾ ڪورونا وائرس جي پيش نظر وائرس کي ڦھلجڻ کان روڪڻ لاءِ ضلعي شھيد بينظيرآباد جي ننڍن وڏن شھرن ۾ لڳندڙ مال پڙين تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آھي ان سان گڏ جلسن جلوسن،مذھبي ۽ عوامي گڏجاڻين،راندين،شادين جي تقريبن تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آھي خلاف ورزي ڪندڙن خلاف قانون مطابق ڪارروائي ڪئي ويندي.