دادو ۾ پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي صدر کي معطل ڪرڻ واري عمل خلاف پريس ڪانفرنس

news

 دادو: دادو ۾ پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن(پي ايم اي) ضلع دادو جي صدر ڊاڪٽر امجد حسين مستوئي کي معطل ڪرڻ واري عمل خلاف سول اسپتال دادو جي ڊاڪٽرن امجد حسين مستوئي, سول سرجن دادو ڊاڪٽر عبدالحميد ميراڻي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سيڪريٽري هيلٿ پاران بلا جواز (پي ايم اي) جي اڳواڻ ڊاڪٽر امجد حسين مستوئي کي معطل ڪيو ويو.

اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي, هنن چيو ته هڪ طرف ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي خطري سبب ملڪ جي اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آھي ته ٻي طرف صحت کاتي پاران ڊاڪٽر کي معطل ڪرڻ وارو عمل شروع ڪري مريضن سان ناانصافي ڪئي پئي وڃي.

ڊاڪٽر امجد حسين مستوئي چيو ته 3 مهينا اڳ دادو ۾ منعقد ڪيل کليل ڪچهري ۾ سول اسپتال دادو ۾ ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي کوٽ خلاف سچ ڳالهائڻ جي سزا ڏني وئي آھي, هن چيو ته آءۡ پهريان شهري آھيان پوء ڊاڪٽر آھيان دادو واسين جو آواز بڻجڻ جي سزا ڏني وڃي ٿي.

ڊاڪٽرن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر امجد حسين کي ڊيوٽي تي بحال ڪيو وڃي.

ٻي صورت ۾ سڀاڻي کان پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئشن(پي ايم اي) ضلع دادو ۽ پاڪستان پيرا ميڊيڪل ايسوسيئيشن پاران ضلع دادو جي اسپتالن جي او پي ڊي وارڊن جو ٽوڪن بائيڪاٽ ڪيو ويندو.