نوابشاهه ۾ بس جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، ٻه ڄڻا زخمي، اسپتال داخل

news

نوابشاهه : سڪرنڊ روڊ تي قائد عوام يونيورسٽي جي گيٽ سامهون بس جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر ٻه ڄڻا زخمي اسپتال داخل خبر موجب نوابشاهه سڪرنڊ روڊ جي قائد عوام يونيورسٽي جي مکيه گيٽ سامهون حيدرآباد ويندڙ تيز رفتار بس ۽ موٽر سائيڪل جو پاڻ ۾ ٽڪر ٿي پيو.

جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار 55 ورهين جو محمد موسيٰ جمالي ۽ 31 ورهين جو علي گل جمالي زخمي ٿي پيا جڏهن ته علي گل جمالي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

انهي سلسلي ۾ زخمي محمد موسيٰ ٻڌايو ته بس ڊرائيور تيز رفتاري جو مظاهرو ڪندي اسان کي ٽڪر هنيو آهي جڏهن ته تعلقي ٿاڻي نوابشاهه جي پوليس بس کي قبضي ۾ وٺي ٿاڻي تي بيهاري ڇڏي آهي.