اسٽيٽ بئنڪ شرح سود ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي

news

ڪراچي: اسٽيٽ بئنڪ مانيٽري پاليسي بيان جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ شرح سود گهٽ ڪري 12 ڏهائي 5 سيڪڙو ڪري ڇڏيو.

اسٽيٽ بئنڪ جي طرفان جاري ڪيل مانيٽري پاليسي بيان ۾ چيو ويو آهي ته مانيٽري پاليسي ڪميٽي شرح سود 75 بيسس پوائنٽ گهٽ ڪري ڇڏيو آهي ۽ شرح سود 12.5 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هلندڙ مالي سال افراط زر 11 کان 12 سيڪڙو رهندو.

اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته ڪورونا وائرس سبب پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح نمو ۾ گهٽتائي ٿيندي ۽ مجموعي قومي پيداوار جي نمو 3 سيڪڙو رهندي، جڏهن ته ڪورونا وائرس سان پيدا ٿيندڙ صورتحال سبب نيون صنعتون لڳائڻ جي لاءِ 100 ارب رپين جي نئين اسڪيم متعارف ڪرائي وئي آهي.

گورنر اسٽيٽ بئنڪ مانيٽري پاليسي بيان تي ميڊيا بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پاڪستان جي مٽاسٽا جا ذخيرا ڪورونا وائرس سان پيدا ٿيندڙ حالتن کان نبرڻ جي لاءِ ڪافي آهن، اسٽيٽ بئنڪ ڪورونا وائرس سان نبرڻ جي لاءِ اسپتالن کي 5 ارب جا قرض ڏيندو ۽ هڪ اسپتال وڌ ۾ وڌ 20 ڪروڙ قرض حاصل ڪري سگهي ٿي، اها رقم ڪورونا وائرس سان نبرڻ، ويڪسن، وينٽي ليٽر ۽ ٻين ضروري شين جي خريداري جي لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿي.