لاڙڪاڻي جي عدالت جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدار ڀائرن مان هڪ کي ڦاهي ۽ ٻئي کي پنج سال قيد سميت ڏنڊ جي سزا

news

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي جي عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدار ڀائرن مان هڪ جوابدار کي ڦاهي ۽ ٻئي جوابدار کي 5 سال جي قيد سميت زخمي کي خون بها عيوض ٽيون حصو رقم ادا ڪرڻ جي سزا ٻڌائي آهي.

ان سلسلي ۾ ڪالهه لاڙڪاڻي جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۽ ٿرڊ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن محمد علي قريشي جي عدالت ۾ سال 2012ع ۾ رحمت پور ٿاڻي جي حد ۾ قتل ٿيل مقتول بخت علي مگسي سندس 20 مهينن جي ڌيءُ سهانه ۽ نوجوان نصير علي مگسي جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

جتي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت ڪيس ۾ نامزد جوابدار رضا محمد مگسي کي ڦاهي ۽ سندس ڀاءُ اعجاز مگسي کي 5 سال قيد ۽ زخمي عبدالغفار مگسي کي خون بها عيوض ٽيون حصو رقم ادا ڪرڻ جي سزا ٻڌائي آهي.

ياد رهي ته 2 ڊسمبر 2012ع تي رحمت پور ٿاڻي جي حد ۾ جوابدارن بخت علي مگسي سندس 20 مهينن جي معصوم ڌيءُ سهانا مگسي ۽ نوجوان نصير علي مگسي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو.

جڏهن ته عبدالغفار مگسي زخمي ٿيو هو اهڙي قتل جي ايف آءِ آر گناهه نمبر 108/2012 قلم 302, 324, 34 ڪپڪ تحت مقتول بخت علي مگسي جي ڀاءُ نديم مگسي جي فرياد تي حد جي رحمت پور ٿاڻي تي ٻن ڀائرن رضا محمد مگسي ۽ اعجاز علي مگسي مٿان داخل ڪئي هئي.