ملڪ ۾ سون جي قدر ۾ گهٽتائي، في تولو اگهه اڻانوي هزار ٿي ويو

news

ڪراچي: ملڪ ۾ سون جي في تولو اگهه ۾ 1850 رپين جي گهٽتائي ٿي آهي.

سنڌ صرافا بازار جيولر ايسوسيئيشن موجب سون جو في تولو اگهه 1850 رپيا گهٽ ٿي 89 هزار رپيا ٿي ويو آهي.

10 گرام سون جو اگهه 1587 رپيا گهٽ ڪري 76303 رپيا آهي، جڏهن ته عالمي صرافا ۾ سون جي قدر 60 ڊالر گهٽ ٿي 1470 ڊالر في اونس آهي.

خيال رهي ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان سون جي اگهن ۾ اضافو ڏٺو ويو هو ۽ في تولو سون جو اگهه 94 هزار تائين پهتو هو.