ٽنڊوڄام ۾ چور دڪان جا تالا ٽوڙي بيٽريون ۽ روڪ رقم ٻهاري ويا، دڪاندارن جو احتجاج

news

ٽنڊوڄام: ٽنڊوڄام جي علائقي ناڪي اسٽاپ وٽ چور دڪان جا تالا ٽوڙي لکين رپين جون بيٽريون ۽ روڪ رقم چوري ڪري فرار. دڪاندارن جو احتجاج.

خبر موجب نامعلوم چور ٽنڊوڄام جي علائقي ناڪي اسٽاپ وٽ مين حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تي واقع  رائو اختر جي دڪان جا تالا ٽوڙي، دڪان ۾ موجود ٽن لک رپين جي ماليت جون بيٽريون، 23 هزار پيا ڪيش ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا.

ٽنڊوڄام ۽ ڀرپاسي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف دڪاندارن احتجاج ڪندي چيو ته ٽنڊوڄام ۽ ڀرپاسي ۾ بدامني وڌي وئي آهي ۽ چوري ۽ ڦرن جون وارداتون روز جو معمول بنجي ويون آهن.

پر پوليس اگهور ننڊ ۾ ستل آهي. هنن  ايس ايس پي حيدرآباد ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته دڪان مان چوري ٿيل سامان واپس ڪرائي شهر ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بنائي وڃي.