ملتان ۾ ڪورونا جي مريضن جو علاج ڪندڙ ڊاڪٽر پاڻ متاثر ٿي ويا

news

ملتان: (خميس 19  مارچ 2020ع) ملتان جي نشتر اسپتال ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو علاج ڪندڙ ڊاڪٽرز به ڪورونا وائرس مان متاثر ٿي ويا آهن.

ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن جي صدر ڊاڪٽر فاران صحافين کي ٻڌايو ته متاثر ڊاڪٽر مسلسل 3 ڏينهن ۽ 3 راتين کان ڊيوٽي ڏئي رهيا آهن. ان دوران هو تيز بخار، کنگهه ۾ مبتلا ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ متاثر ڊاڪٽرن جو ٽيسٽ ڪيو ويو جنهن جي رپورٽ اڄ ملي ويندي. پر متاثر ڊاڪٽرن کي نشتر اسپتال جي آئسوليشن وارڊ ۾ منتقل ناهي ڪيو ويو.

ان موقعي تي ينگ ڊاڪٽرن اسپتال ۾ مڪمل حفاظتي انتظام نه هجڻ تي هڙتال ڪري ڇڏي آهي.  هنن جو مطالبو آهي ته آئسوليشن وارڊ ۾ ڊاڪٽرن جي ڊيوٽي 6 کان 8 ڪلاڪ ڪئي وڃي. نشتر اسپتال جي آئسوليشن وارڊ ۾ هن وقت 5  مريضن کي ڪورونا وائرس جي شڪ ۾ رکيو ويو آهي.

جڏهن ته هڪ مريض ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي چڪي آهي. واضح رهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب 2 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. جڏهن ته سڄي ملڪ  ۾ متاثر ماڻهن جو گڏيل انگ 307 ٿي ويو آهي.