دادو واسي کي قاضي احمد پوليس ڦورو ڄاڻائي هاف فرائي ڪري ڇڏيو، زخمي اسپتال داخل

news

نوابشاهه:  دادو واسي کي قاضي احمد پوليس ڦورو ڄاڻائي هاف فرائي ڪري ڇڏيو زخمي کي پي ايم يو اسپتال داخل ڪيو ويو آهي پي ايم يو اسپتال نوابشاهه جي ٽراما سينٽر ۾ 30 ورهين جي سڪندر جمالي کي مبينه طور قاضي احمد پوليس پٻ جو روڊ مال راهو چوڪ وٽ مقابلو ڄاڻائي گرفتار ڪري ورتو.

انهي جي قبضي مان ٻه موٽر سائيڪلون ۽ هڪ پسٽل هٿ ڪرڻ جي دعويٰ زخمي سڪندر جمالي جو چوڻ آهي ته 8 ڏينهن اڳ سرڪاري کوهه کان بچل پور ويندڙ لنڪ روڊ جي ڪنڊي اسٽاپ وٽ پنهنجي عزيزن جي شادي ۾ آيل هئس  جڏهن ته قاضي احمد پوليس جو چوڻ آهي ته هي موٽر سائيڪلون ڦُر ڪرڻ جو عادي ڏوهاري آهي.

هن کي اسان پٻ جو روڊ جي مال راهو چوڪ وٽ مقابلي کانپوءِ زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آهي هن جي قبضي مان ٻه موٽر سائيڪلون ۽ هڪ پسٽل بر آمد ڪيو آهي هن خلاف قاضي احمد ٿاڻي تي ٽي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جڏهن ته سندس ڀائرن علي گوهر جمالي ۽ صابر جمالي جو چوڻ آهي ته اسان جي ڀاءُ سان ظلم ٿيو آهي.

هي رڪشو هلائي پورهيو ڪري پنهنجي ٽن ٻارن جو پيٽ پاليندو آهي هنن آئي جي سنڌ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو ته اسان سان انصاف ڪري پوليس جي ظلم کان بچايو وڃي.

انهي موقعي تي گوليون لڳڻ کانپوءِ رت ٻُڏل ڪپڙا به ڏيکاريا ويا.