نوابشاهه ۾ ڳوٺ امام بخش جمالي جي رهواسي جو پوليس خلاف احتجاج

news

نوابشاهه : ڳوٺ امام بخش جمالي جي رهواسي محمد وارث جمالي نوابشاهه پريس ڪلب پهچي کڏهر پوليس خلاف دانهيندي چيو ته 16 مارچ تي رات جو کڏهر پوليس اسان جي گهر تي ڇاپو هڻي منهنجو ڀائٽيو 14 ورهين جي راجا جمالي کي گرفتار ڪيو ۽ گهر ۾ بيٺل 8 بڊيون ٻڪريون به کاهي ويا.

منهنجي ڀائٽي جي کيسي ۾ 13 هزار روپيا پيل هئا اهي سپاهي ذوالفقار جمالي ڪڍي ويو هن چيو ته اسان عدالت کي درخواست ڏني ۽ عدالت جي حڪم تي سڪرنڊ جي جج ماڙي جلباڻي ڳوٺ جي هڪ اسڪول جي ڪمري ۾ بند ڪيل راجا جمالي کي جج بازياب ڪرايو.

ڇوڪرو اسان جي حوالي ڪيو ويو جڏهن ته اسان جون 8 ٻڪريون ۽ 13 هزار روپيا روڪ نٿا ڏين ان جي لاءِ اسان گهڻي ڪوشش ڪئي آهي پر ايس ايڇ او کڏهر مختلف بهانا بنائيندو رهي ٿو.

هن آئي جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته اسان کي پنهنجون ٻڪريون ۽ 13 هزار روپيا واپس ڏياريا وڃن.