ايران مان غيرقانوني طريقي سان پاڪستان ۾ داخل ٿيل ٽياسي پورهيت شهدادڪوٽ بعد لاڙڪاڻي پهچي ويا

news

لاڙڪاڻو:  ايران مان غيرقانوني طريقي سان پاڪستان ۾ داخل ٿيل 83 پورهيتن کي شهدادڪوٽ کان بعد لاڙڪاڻي پهچي ويا جن کي ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو محمد نعمان صديق، اسسٽنٽ ڪمشنر اقبال تونيو ۽ ريپڊ ريسپانس فورس جي موجودگيءَ ۾ بسن ذريعي آريجا ڀرسان قائم شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ڪيمپس ۾ قائم ڪوارنٽين ۾ رکيو ويو آهي.

ضلعي انتظاميا موجب لاڙڪاڻي جا 43، شڪارپور جا 22، شهدادڪوٽ جا 7، دادو جا 3،حيدرآباد جا 2، گجران والا جا 2، سانگهڙ جو هڪ، خانيوال جو هڪ، ڄامشورو جو هڪ ۽ ڪوٽڙي سان واسطو رکندڙ هڪ پورهيت شامل آهي.

لاڙڪاڻي پهتل پورهيتن کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران پڪڙي انهن کي بلوچستان جي مند ۽ رديج ڪوارنٽين ۾ به رکيو ويو هو، سمورن پورهيتن جي اڄ طبي چڪاس ڪري ڪرونا وائرس جون علامتون هجڻ تي انهن جي اسڪريننگ به ڪئي ويندي.

جيڪي ڪجهه ڏينهن لاڙڪاڻي ۾ ئي ترسندا ماهر ڊاڪٽرن پاران کين صحتمند قرار ڏيڻ بعد کين ڇڏڻ يا ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو.