اسلام آباد: اوپن مارڪيٽ ۾ دال، گيهه ۽ کنڊ جي اگهن ۾ 20 روپيا ڪلو تائين واڌ ٿي وئي آهي.
ڪريانه مرچنٽس، نان بئيون اگهن ۾ سرڪاري اضافي لاءِ پرائس ڪنٽرول ڪميٽي جو اجلاس گهرائڻ جي درخواست ڪري ڇڏي آهي، ڪريانه مرچنٽ جي صدر پرويز بٽ موجب مڱن جي دال 230 روپيا مان وڌي 250 روپيا ڪلو. ماش جي دال 220 مان وڌي 227 روپيا ڪلو جڏهن ته کنڊ جي اگهن ۾ 2 روپيا ڪلو تي اصافو ڪيو ويو، کنڊ 50 ڪلو جي ٻوري جي اضافي سان 4020 روپيا ٿي وئي.
مرچنٽس ايسوسيئيشن جي صدر پرويز بٽ جو وڌيڪ چوڻ هو ته سپلاءِ ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، جنسن جي اگهن ۾ واڌاري سان نوان اگهه مقرر ڪيا وڃن نه ته هڙتال تي مجبور ٿينداسين.