بلوچستان ۾ ٽن هفتن جي لاءِ شاپنگ مال، هوٽلون ۽ بازارون بند

news

ڪوئٽه: (ڇنڇر 21  مارچ 2020ع) گهرو وزارت ٽن هفتن جي لاءِ سڄي صوبي جا شاپنگ مال، هوٽلون ۽ بازارون بند ڪري ڇڏيون آهن.

بلوچستان ۾ ڪورونا وائرس جي وڌيڪ 11 ڪيسن جي تصديق ٿيڻ کان پوءِ صوبي ۾ متاثر ماڻهن جو انگ 92 ٿي ويو آهي جنهن کان پوءِ گهرو وزارت صوبي ۾ سموريون مارڪيٽون، هوٽلون ۽ شاپنگ مالز ٽن هفتن جي لاءِ بند ڪري ڇڏيا.

هوٽلن تي صرف کاڌو گهر کڻي وڃڻ ۽ گهر پهچائڻ جي اجازت هوندي. جاري ڪيل حڪم نامي موجب شهرن ۾ هلندڙ بسون ۽ بلوچستان مان هلندڙ بين الصوبائي ٽرانسپورٽ به ٽن هفتن جي لاءِ بند رهندا.