سکر ۾ ڪرونا متاثرن جي انگ ۾ ڌڙا ڌڙ واڌ، تفتان مان آيل پانڌيئڙن مان وڌيڪ اوڻانوي متاثر ظاهر

news

سکر: سکر ۾ ڪرونا متاثرن جي انگ ۾ ڌڙا ڌڙ واڌ ٿي رهي آهي، تفتان مان آيل پانڌيئڙن مان وڌيڪ 89 ڪرونا متاثر ظاهر ٿيا، قرنطينه مرڪز  ۾ متاثرن جو انگ 255 ٿي ويو.

سنڌ جي صحت کاتي جي وزير ڊاڪٽر عذره فضل پيچوهو چيو آهي ته صحت کاتي طرفان صوبي ۾ هيل تائين 2700 ماڻهن جي اسڪريننگ ڪئي وئي آهي، جنهن مان 357 ڪيس سامهون آيا آهن، سکر جي قرنطينه مرڪز ۾ موجود  وڌيڪ 89 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي جنهن سان ليبر ڪالوني قرنطرينه مرڪز جي ڪيسن جو انگ 255 ٿي ويو آهي.

ايران کان ايندڙ پانڌيئڙن  کي سکر ۾ آئسوليشن ۾ رکيو ويو آهي. سکر جي انتظاميا، قرنطينه مرڪز ۾ ترسايل هڪ هزار 50 زائرين کي سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته پانڌيئڙن جون ٽيسٽون اچڻ شروع ٿي ويون آهن. انتظاميا جي جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته قرنطينه سينٽر ۾ تفتان کان آيل ماڻهن جو انگ وڌي هڪ هزار 50 ٿي ويو آهي،

جن مان 815 ڄڻن جا سيمپل ٽيسٽ لاءِ ڪراچي اماڻيا ويا هئا. پڌرائيءَ موجب، ٽيسٽن جون رپورٽون اچڻ شروع ٿي ويون آهن.  جڏهن ته مسافرن کي کڻي ايندڙ ڪوچن جي ڊرائيورن ۽ ڪنڊيڪٽرن جي اسڪريننگ ۽ ٽيسٽون پڻ ڪيون ويون آهن. انتظاميا، دعويٰ ڪئي ته سکر قرنطينه سينٽر ۾ ترسايل سمورن ماڻهن کي وڏي وزير جي هدايت تي کاڌي پيتي سميت سڀ سهوليتون ڏنيون پيون وڃن.

پڌرائي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ڪراچي جي سول، ايس آءِ يو ٽي ۽ گمس جي ڊاڪٽرن سميت پيرا ميڊيڪل اسٽاف، ميونسپل انتظاميا ۽ پبلڪ هيلٿ جو عملو قرنطينه سينٽر ۾ 24 ڪلاڪ موجود آهي، جيڪي پنهنجو پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهن.