بلوچستان ۾ واپاري مرڪز ٽن هفتن لاءِ بند ڪرڻ تي شهرين جو مثبت ردعمل

news

ڪوئٽا: بلوچستان جا شهري حڪومت جي طرفان شاپنگ مالز ۽ بازارون 3 هفتن جي لاءِ بند ڪرڻ تي هاڪاري ردعمل ظاهر ڪندي حڪومتي هدايتن تي عمل ڪري رهيا آهن.

حڪومت جي اعلان تي شهرين به هاڪاري ردعمل جو اظهار ڪيو آهي، اڄ ڪوئيٽا سميت بلوچستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ دڪان بند رهيا، جڏهن ته بين الصوبائي ٽرانسپورٽ ۽ شهر ۾ هلندڙ بسون به بند رهيون.