ڪراچي: لاڙڪاڻي واسڻ ناري ملير جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو، تحفظ جو مطالبو

news

ڪراچي: لاڙڪاڻي جي لطيف ڪالوني جي رھواسڻ ناري ارم ڌيء گدا حسين تنيو جو مائٽن پاران زبردستي شادي  ڪرائڻ جي ڪوشش بعد گھران نڪري ڳوٺ دڙي خوشحال جي رھواسي نوجوان خير محمد ولد خان محمد تنيو سان ملير جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو آهي،

جنهن بعد پريمي جوڙو تحفظ لاء گڏاپ نيشنل پريس ڪلب پھچي ويو جتي صحافين سان ڳالھائيندي ناري ارم تنيو چيو ته پسند جي شادي ڪرڻ بعد منهنجا ڀائر اياز علي، مير مرتضي تنيو ۽ سوٽ محمد خان تنيو مون کي ۽ منهنجي مڙس کي جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آهن۔

منھنجي مڙس کي منھنجي مائٽن کان جان جو خطرو آھي ناري ارم تنيو سپريم ڪورٽ، سنڌ ھاء ڪورٽ، وزيراعلي سنڌ سيد مرادعلي شاھ، آء جي سنڌ، ڊي، آء جي لاڙڪاڻو، ايس، ايس، پي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيوته مونکي ۽ منھنجي مڙس کي تحفظ فراھم ڪري اسان مٿان داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن.