يو اي اي ۾ ڄاڻي واڻي ڪورونا ڦهلائيندڙ لاءِ پنج سال سزا مقرر

news

دبئي: متحده عرب امارات جي حڪومت جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ ڄاڻي واڻي ڪورونا وائرس ڦهلائيندڙ شخص کي پڪڙجڻ جي صورت ۾ 50 هزار درهم ڏنڊ ۽ 5 سال قيد جي سزا ڏني ويندي.

خليج ٽائمز جي رپورٽ موجب ان سزا ۽ ڏنڊ جو اعلان امارات جي هڪ کان ٻئي کي منتقل ٿيندڙ بيماري جي قانون تحت ڪيو ويو آهي، جنهن جو نفاذ 2014ع ۾ ٿيو هو.

قانون موجب ڪنهن شخص جو ڄاڻي واڻي اهڙو ورتاءُ ڪرڻ جنهن سان انفيڪشن ڪنهن ٻئي ۾ منتقل ٿئي، سزا جوڳو ڏوهه آهي.

قانون تحت ڄاڻي واڻي بيماري ڪنهن ٻئي شخص کي منتقل ڪرڻ واري جي لاءِ 5 سالن تائين قيد ۽ گهٽ ۾گهٽ 50 هزار ڏنڊ جي سزا مقرر آهي، ڏنڊ هڪ لک درهم کان وڌيڪ نٿو ڪري سگهجي.

اماراتي حڪومت هاڻ ان قانون جو نفاذ ڪورونا وائرس جي وبا لاءِ به ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.