بلوچستان جي حڪومت وفاق کان فوج جي مدد طلب ڪري ورتي

news

ڪوئٽه: (آچر 22  مارچ 2020ع)  ڪورونا وائرس کي نظر ۾ رکندي بلوچستان جي حڪومت وفاق کان فوج جي مدد طلب ڪري ورتي آهي.

رپورٽ موجب بلوچستان جي حڪومت آرٽيڪل 245 جي تحت پاڪ فوج کي سول اختيار ڏيڻ جي لاءِ خط لکي ڇڏيو آهي. سڄي صوبي ۾ ايمرجنسي جي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فوج کي سول اختيار حاصل هوندا. ٻئي طرف ڪوئٽه ۾ واپارين اڄ کان اڻڄاڻايل مدي تائين شٽرڊائون هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. واپاري اڳواڻن جو چوڻ آهي ته حالتون بهتر ٿيڻ تائين ڪاروباري مرڪز بند رهندا.

پر ميڊيڪل اسٽور، هوٽلون ۽ ڀاڄين جي دڪانن کي ڇوٽ حاصل هوندي. بلوچستان ۾ هينئر تائين ڪورونا جا 103 ڪيس سامهون اچي چڪا آهن.

جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ 640 کان وڌيڪ مريض ان بيماري ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن. هوڏانهن سنڌ ۾ صوبائي حڪومت طرفان اڄ کان لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جو امڪان آهي.

ذريعن موجب  لاڪ ڊائون يا ڪرفيو جو فيصلو اڄ ٻنپهرن تائين ڪري سگهجي ٿو پر ان حوالي سان حتمي فيصلو سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه ڪندو.

ذريعن ٻڌايو آهي ته ڪورونا وائرس جي معاملي تي وفاق ۽ سنڌ حڪومت گڏ آهن. هن ٻڌايو ته سياسي حڪومت، سياسي پارٽين تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو آهي جنهن جي سربراهي مراد علي شاهه ڪندو.