ڪورونا وائرس سميت سڀني چئلينجز کي شڪست ڏينداسين: آرمي چيف

news

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه يوم پاڪستان تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ڪورونا وائرس سميت سڀني چئلينجز کي ايمان، اتحاد ۽ نظم ۽ ضبط سان شڪست ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهيون.

پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل بابر افتخار موجب يوم پاڪستان تي پنهنجي پيغام ۾ آرمي چيف جو چوڻ آهي ته يوم قرارداد پاڪستان جدوجهد جي علامت آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جو چوڻ آهي ته اڄ جي ڏينهن تي پنهنجن وڏن کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا ۽ ڪورونا وائرس جي وبا سميت سڀني چئلينجز کي ايمان، اتحاد ۽ نظم و ضبط سان شڪست ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهيون.