اڄ کان ريلوي اپريشن مڪمل طور تي بند ٿيڻ جو امڪان

news

راولپنڊي: (اڱارو 24  مارچ 2020ع) ريلوي واري وزير شيخ رشيد اڄ کان ريلوي جو آپريشن معطل ٿيڻ جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا آهن. خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهيون ڪندي شيخ رشيد ڏوراپو ڏيندي چيو ته لاڪ ڊائون جي لاءِ ريلوي جي وزارت کي اعتماد ۾ نه ورتو  ويو.

ريلوي جي حوالي سان پنجاب ۾ نه پر سنڌ ۾ مسئلا سامهون اچي رهيا آهن. هن چيو ته ڪنهن به ٽرين کي رستي ۾ نٿا روڪي سگهن. اڄ سفارشون کڻي وڃي هيو آهيان. حتمي فيصلو وزيراعظم ڪندو.

وزيراعظم سان ڳالهين کان پوءِ اڄ اهم اعلان ڪندس ۽ اڄ ٿي سگهي ٿو ته ريلوي جو آپريشن مڪمل طور تي معطل ڪري ڇڏيان.

شيخ رشيد چيو ته وزيراعظم کي سفارش ڪندس ته ريلوي جي لاءِ پيڪيج ڏئي ۽ ملازمن کي پگهارون به ڏيڻيون آهن. واضح رهي ته ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي موجوده صورتحال  کي نظر ۾ رکندي ريلوي هينئر تائين 44 ٽرينون بند ڪري ڇڏيون آهن.