ٽنڊو محمد خان ۾ لاڪ ڊائون واري اعلان بعد پوليس جي ڪارروائي، پندرنهن ڄڻا گرفتار

news

ٽنڊومحمدخان: سنڌ حڪومت پاران ڪرونا وائرس جي روڪٿام لاءِ اعلانيل لاڪ ڊائون  ٻيئن روز  ب ٽنڊومحمدخان شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن  جا  ڪاروبار مڪمل طور  بند ٻي طرف   144. جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي الزام ھيٺ 188 , جي تحت  ڪاروائي ڪندي  پوليس پاران 15 کان مٿي شھرين کي  گرفتار  ڪرڻ جي دعواه

,شھر جي مختلف  علائقن اندر رھواسين ۽ پوليس  ۾ گڏ ٿيڻ  تي  جھڙپون, پوليس پاران گرفتار ڪيلن ۾ ڪاشف مغل,رمظان لغاري, غلام حسين,امير مغل ,بابو حاجاڻو, شوڪت چانڊيو, رجب ميمڻ, اسد لغاري,موھن ,۽ٻيا شامل آھن .

جڏھن ت  شهر جي مين حيدرآباد روڊ  ,بٺورو روڊ, لاکاٽ اسٽاپ,شوڪت ڪالوني, . پراڻو بس اسٽاپ اناج منڊي هوشو چوڪ اسٽيشن روڊ , شاهي بازار چاندني چوڪ واڻ بازار بٺورو روڊ سميت سمورن علائقن ۾ ڪاروبار مڪمل طور تي بند پيل.

جڏھن ت  شھر جا ميڊيڪل اسٽور کير ڌهي  ڪريانه جا دڪان ۽  سبزي جا دڪان کليل رھيا  جڏهن ته شهر جي مير پاڙي نصيرآباد پاڙي بهراڻي پاڙي ميمڻ محله ڦليلي روڊ تين بتي ۽ ٻين علائقن ۾ ماڻهن جي گڏ ٿيل هجوم ٿيڻ تي پوليس  جي جوانن پاران کين پنهنجن پنهنجن گهرن ڏانهن وڃڻ جو چيو ويو  ٽنڊومحمدخان جي انتظاميا پاران اعلان ڪيا,

ضلع ۾ مڪمل لاڪ ڊائون ڪيو وڃي  ت جيئن ڪرونا وائرس جي خطري کي مدي نظر رکندي پنهنجن گهرن اندر محدود رهن ت جيئن ڪرونا جھڙي وائرس کان انساني زندگي بچي سگھي.