ثانيه مرزا روزاني ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙن لاءِ فنڊ جمع ڪرڻ لڳي

news

لاهور: (اربع 25 مارچ 2020ع) ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا روزاني ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙن لاءِ فنڊ جمع ڪرڻ جي مهم شروع ڪري ڇڏي آهي.

رپورٽ موجب ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا مزدورن جي لاءِ خوراڪ ۽ روزاني ضرورت واري شين جو بندوبست ڪندڙ فلاحي تنظيم کان چندو ڏيڻ جي اپيل ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجي وڊيو پيغام ۾ ثانيه مرزا چيو آهي ته خوش قسمتي سان ڪورونا وائرس کان بچاءُ لاءِ اسان گهرن ۾ ويهي به سمورين سهولتن مان فائدو کڻڻ جي اهليت رکون ٿا. پر اسان  کي انهن ماڻهن جو به سوچڻو پوندو

جن ۾  ايتري طاقت ناهي. لاڪ ڊائون سبب لکين ماڻهو پنهنجي فيملي کي کاڌو نٿا ڏئي سگهن اسان کي انهن جي باري ۾ سوچڻو پوندو ۽ انهن جي مدد ڪرڻي پوندي.