ڪورونا وائرس کان بچاءُ لاءِ سنڌ بلوچستان بارڊر کي سيل ڪيو ويو

news

نصيرآباد: (خميس 26  مارچ 2020ع)  ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي لاءِ سنڌ بلوچستان بارڊر کي سيل ڪيو ويو. پوليس موجب سنڌ بلوچستان جو بارڊر سيل ڪري پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي. جڏهن ته سنڌ ۽ پنجاب ويندڙ گاڏيون مختلف جڳهين تي  روڪيون ويون آهن.

واضح رهي ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي روڪٿام جي لاءِ چئني صوبن سميت گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ به لاڪ ڊائون آهي. جڏهن ته صوبن جي وچ  ۾ هلندڙ  انٽرسٽي ٽرانسپورٽ به معطل آهي.

پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ ٽرين سروس کي به 31 مارچ تائين معطل ڪيو ويو آهي.

ياد رهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن جو انگ 1100 کان مٿي ٿي ويو آهي جڏهن ته مذڪوره موذي وائرس سبب 8 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.