مئل انسانن جو گوشت کائيندڙ ٻه ڀائر آزادي ماڻڻ کان پوءِ نظربند

news

لاهور: (خميس 26  مارچ 2020ع) بهکر پوليس مئل انسانن جو گوشت کائڻ جي ڏوهه ۾ سزا کان پوءِ آزادي ماڻيندڙ ٻن ڀائرن کي نظر بند ڪري ڇڏيو آهي.

پوليس موجب ٻن ڀائرن کي 2011 ۽ 2014 ۾ مئل انسانن جو گوشت کائڻ جي ڏوهه ۾ 2 ڀيرا سزا ملي جيڪا مڪمل ٿيڻ تي کين گذريل ڏينهن ميانوالي جيل مان آزاد ڪيو ويو هو.

پوليس چيو آهي ته امن امان جي خدشي کي نظر ۾ رکندي ٻنهي ڀائرن کي هڪ مهيني جي لاءِ نظر بند ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ کين ڊسٽرڪٽ جيل منتقل ڪيو ويندو.