ڪورونا وائرس سبب حڪومت کي آءِ ايم ايف آڏو نيون شرطون رکڻ گهرجن: بلاول ڀٽو

news

ڪراچي: (خميس 26  مارچ 2020ع) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪورونا وائرس کي نظر ۾ رکندي حڪومت کي عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) آڏو نيون شرطون طئي ڪرڻ گهرجن.

پنهنجي ٽوئٽر پيغام ۾ هن چيو ته اسان جو موقف رهيو آهي ته حڪومت آءِ ايم ايف سان ٻيهر ڳالهيون ڪري. هن وڌيڪ چيو ته اسان ڪورونا وائرس جي عالمي وبا کي منهن ڏئي رهيا آهيون. ان ڪري حڪومت کي آءِ ايم ايف سان نيون شرطون رکڻ گهرجن.

پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن جو انگ 1102 ٿي ويو آهي. جڏهن ته فوت ٿي ويندڙن جو انگ اٺ ۽ 21 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. 

سنڌ ۾ سڀني کان وڌيڪ 417، پنجاب ۾ 323، بلوچستان ۾ 131، خيبرپختونخواهه 121، گلگت بلتستان ۾ 64، اسلام آباد ۾ 25، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ هڪ  ڪيس رپورٽ ٿيو آهي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران 50 نوان ڪيس سامهون آيا آهن جڏهن ته اسلام آباد ۾ وائرس سبب پهرين فوتگي ٿي آهي.