زندگين کي بچائڻ لاءِ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏيڻو پوندو: گڏيل قومون

news

نيويارڪ: (خميس 26  مارچ 2020ع) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوٽريس چيو آهي ته اسان کي پنهنجون زندگيون بچائڻ جي لاءِ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏيڻو پوندو.

گڏيل قومن جي سيڪريٽري  جنرل چيو آهي ته انسانيت کي بچائڻ جي ضرورت  هن کان اڳ ڪڏهن به سامهون نه آئي هئي. ان لاءِ عالمي سطح تي جنگ  وارن ملڪن کي جنگبندي جي درخواست ڪئي هئي. انتونيو  گوٽريس چيو آهي ته ڪورونا وائرس پوري انسانيت جي  لاءِ خطرو آهي ۽ انسانيت کي بچائڻ جي لاءِ اسان سڀني کي هن وائرس جي خلاف وڙهڻو پوندو.

ياد رهي ته 2 ڏينهن اڳ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل دنيا کي جنگبندي جي اپيل ڪئي هئي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل وڌيڪ چيو ته دنيا تڪرارن کي فوري طور تي ختم ڪري، جنگ سبب متاثر ملڪن ۾ صحت جو نظام تباهه ٿي چڪو آهي.

انتونيو گوٽريس چيو آهي ته سڄي دنيا ڪورونا وائرس جهڙن چيلنجن کي منهن ڏنو آهي. جنگ سبب متاثر ملڪن ۾ ٻار ۽ عورتون به متاثر ٿي رهيا آهن.

گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته سڄي دنيا جي ملڪن کي ڪورونا وائرس جهڙي دشمن جو مقابلو ڪرڻو آهي ۽ هي وقت قوميت، مسلڪ ۽ عقيدي جي جنگ جو ناهي پر وائرس سان وڙهڻ جو آهي.