ڪورونا وائرس سبب فيس بڪ جو استعمال ستر سيڪڙو وڌي ويو

news

لنڊن: (خميس 26  مارچ 2020ع) ڪورونا وائرس سبب دنيا جا 198 ملڪ متاثر آهن ۽ سمورن وڏن شهرن ۾ لاڪ ڊائون سبب ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن.

گهرن ۾ محدود رهندڙ پنهنجو پاڻ کي مصروف رکڻ جي لاءِ سماجي رابطن جي ويب سائٽس استعمال ڪري رهيا آهن ۽ فيس بڪ جو استعمال به 70 سيڪڙو وڌي ويو آهي. واٽس ايپ، ايمو ۽ وڊيو ايپلي ڪيشنز جي استعمال ۾ به اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

ڪورونا وائرس سبب گروپ وڊيو چيٽ ۾ به 70سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. ماڻهن جي گهرن ۾ رهڻ سبب فيس بڪ ۽ سماجي رابطن جي ٻين ويب سائٽن تي ٽريفڪ ۾ پنجاهه سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.

ڪورونا وائرس سبب دنيا جي سمورن  وڏن شهرن ۾ لاڪ ڊائون جهڙي صورتحال آهي ۽ ڪروڙين ماڻهو محدود ٿي ويا آهن. ڪافي ملڪن وائرس جي پکيڙ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ عوامي هنڌ بند ڪري ڇڏيا آهن.