گلگت بلتستان: سرڪاري ملازمن کي هڪ مهيني جي اضافي پگهار ڏيڻ جو اعلان

news

پشاور: (خميس 26  مارچ 2020ع) ڪورونا وائرس کي نظر ۾ رکندي گلگت بلتستان جي حڪومت سرڪاري ملازمن کي هڪ مهيني جي اضافي پگهار ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

ترجمان فيض الله  فراق موجب ملازمن ۾ پيرا ميڊيڪل، ڊاڪٽر پوليس ۽ ٻيا ماڻهو شامل آهن. هن ٻڌايو ته گلگت بلتستان جي وڏي وزير اضافي پگهار جي حوالي سان حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. فيض الله فراق چيو هو ته لاڪ ڊائون دوران غريب ۽ مستحق ماڻهن کي راشن مفت فراهم ڪنداسين.

ترجمان وڌيڪ چيو ته سيڪريٽري پاپوليشن ويلفيئر کي مستحق ماڻهن جون لسٽون تيار ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. گلگت بلتستان ۾ هينئر تائين ڪورونا وائرس جا 84 ڪيس سامهون آيا آهن جڏهن ته هڪ شخص به فوت ٿي چڪو آهي.

پاڪستان ۾ موذي بيماري سبب گڏيل  طور تي اٺ ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. جڏهن ته 1100 کان وڌيڪ متاثر آهن. خيبرپختونخواهه ۾ سڀني کان وڌيڪ 3، جڏهن ته اسلام آباد، پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ هڪ شخص فوت ٿيو آهي. سڄي دنيا ۾ فوتين جو انگ 21 هزار کان مٿي ٿي ويو آهي.