ڀارتي ظلم جاري: والاريل ڪشمير ۾ ڪرفيو ۽ لاڪ ڊائون کي ٻه سئو چوٽيهه ڏينهن گذري ويا

news

سري نگر: (خميس 26  مارچ 2020ع) والاريل ڪشمير ۾ قابض ڀارتي فوج جا ظلم جاري آهن. جڏهن ته وادي ۾ ڪرفيو ۽ لاڪ ڊائون 234هين ڏينهن ۾ داخل ٿي ويو آهي.

والاريل وادي ڪشمير ۾ ڀارت طرفان مڙهيل غيرانساني لاڪ ڊائون ۽ مواصلاتي بندش مسلسل 233هين ڏينهن به معمول واري زندگي مفلوج بڻيل آهي. روڊ ويران، وادي ۾ دڪانون، ڪاروبار، تعليمي مرڪز بند آهن ۽ ماڻهو گهرن ۾ قيد رهجي ويا آهن. قابض ڀارتي فوج ڪشميرين جي زندگي جنجال بڻائي ڇڏي آهي ۽ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو دنيا جي سڀني کان وڏي جيل ۾ قيد آهن. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارتي فوج گذريل مهيني 10 ڪشميرين کي شهيد ڪيو.

ڀارتي ڪابينه ڪشمير ۾ آبادڪاري ايڪٽ سميت 37 قانون جي لاڳو ٿيڻ جي منظوري به ڏئي ڇڏي آهي. مودي سرڪار علائقن جا نالا به تبديل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. وادي ۾ نام نهاد سرچ آپريشن ۽ گرفتارين جو سلسلو به جاري آهي. وادي ۾ خوراڪ ۽ دوائن جي کوٽ به برقرار آهي. 8 لک کان وڌيڪ ڪشميرين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

والاريل ڪشمير ۾ هينئر تائين لڳ ڀڳ 894 ٻار شهيد ۽ 177 هزار کان وڌيڪ يتيم ٿي چڪا آهن. ڀارت مظلوم ڪشميرين مٿان ظلم ۽ بربريت جو بازار گرم ڪري رکيو آهي ۽ هزارين ڪشميرين سميت والاريل وادي جي سياسي اڳواڻن کي به جيلن ۾ بند ڪري رکيو آهي.

وادي ۾ موبائل فون، انٽرنيٽ سروس بند ۽ ٽي وي جي نشريات به اڃان تائين معطل آهي. ٻئي طرف مودي سرڪار ڪشميرين جي آزادي واري تحريڪ کي دٻائڻ ۾ ناڪام وئي آهي. ڪشميري ڪرفيو ختم ڪري  روڊن نڪري آيا ۽ ڀارت جي خلاف سخت نعريبازي به ڪندا رهيا.