پاڪستان ۾ ڪورونا جا ايڪيهه مريض صحتياب، متاثرن جو انگ يارنهن سئو ارڙنهن ٿي ويو

news

اسلام آباد: (خميس 26  مارچ 2020ع) پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن جو انگ 1118 ٿي ويو آهي جڏهن ته اٺ ڄڻا موذي مرض سبب فوت ٿي چڪا آهن.

ڪورونا وائرس جي حوالي سان حڪومت جي ويب سائٽ تي جاري ٿيل انگن اکرن موجب سنڌ ۾ سڀني کان وڌيڪ 431، پنجاب ۾ 323، بلوچستان ۾ 131، خيبرپختونخواهه 121، گلگت بلتستان ۾ 94، اسلام آباد ۾ 25 جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 4 نوان ڪيس سامهون آيا آهن. ڪورونا سبب 21 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن جڏهن ته پنجن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جڏهن ته 8 ڄڻا فوت به ٿي چڪا آهن.

اسلام آباد جي علائقي بهاره ڪهو ۾ سورنهن ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي جنهن کان پوءِ علائقي کي سيل ڪيو ويو. مردان جي يونين ڪائونسل منگا ۾ به 39 ماڻهن ۾ ڪورونا ٽيسٽ مثبت آئي هئي. ڪوئٽه جي علائقن مري آباد ۽ هاره ٽائون کي به سيل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

. چيف سيڪريٽري بلوچستان جو چوڻ آهي ته صوبائي گادي واري شهر ۾ ڪوئٽه کي به لاڪ ڊائون ڪيو ويندو. ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ لاڪ ڊائون جاري آهي ۽ صوبن جي وچ ۾ زميني ۽ هوائي رستا به بند آهن.

حڪومت ماڻهن کي گهرن مان غير ضروري نڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي ۽ سمورا نجي ۽ سرڪاري ادارا بند آهن. ياد رهي ته حڪومت ڪورونا وائرس سبب سوا کرب روپين جو پيڪيج جاري ڪيو آهي جيڪو صوبن جي مشورن سان استعمال ڪيو ويندو.