ڪورونا وائرس: چين پاران پنهنجا طبي ماهر پاڪستان موڪلڻ جو اعلان

news

بيجنگ: چين پاڪستان جي درخواست تي پنهنجي طبي ماهرن جي ٽيم ڪورونا وائرس جي خلاف مدد لاءِ پاڪستان موڪلڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ڪورونا وائرس جي خلاف دنيا سان گڏ چيني تعاون جي حوالي سان پريس ڪانفرنس ڪندي چين جي نيشنل هيلٿ ڪميشن جي نائب صدر چيو آهي ته پاڪستان طبي ماهر موڪلڻ جي درخواست ڪئي هئي، جنهن تي چين پنهنجي ماهرن جي ٽيم پاڪستان موڪلڻ جي تياري ڪري رهي آهي.

هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪورونا جي ڦهلجڻ کانپوءِ چين لڳاتار پاڪستان کان پنهنجن تجربن تي ٻڌل معلومات جي ڏي وٺ ڪري رهيو آهي ۽ ڪنٽرول پلان، تشخيص ۽ علاج جا منصوبا به شيئر ڪري رهيو آهي.

پريس ڪانفرنس ۾ چين جي انٽرنيشنل ڊولپمينٽ ڪوآپريشن ايجنسي جي وائس چيئرمين ڊين بوڪنگ چيو آهي ته ڪورونا کان بچاءُ ۽ ان کي روڪڻ جي حوالي سان چين پاڪستان سان گڏ وڌيڪ پنهنجا تجربا شيئر ڪندو.