ڪورونا: سعودي عرب ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ هڪ سئو ٻارنهن ڪيسز سامهون اچي ويا

news

رياض: سعودي عرب ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 112 ڪيسز سامهون آيا آهن. ان ڳالهه جي تصديق سعودي عرب جي صحت واري وزارت ڪئي آهي.

سعودي صحت واري وزارت موجب هن وقت تائين عالمي وبا قرار ڏنل ڪورونا وائرس کان متاثر مريضن جو انگ 1012 ٿي ويو آهي.

مليل انگن اکرن موجب سعودي عرب ۾ ايستائين ڪورونا وائرس کان متاثر ٿيل ٽي ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.