ميرپور ماٿيلو ڀرسان حادثو: هڪ ئي خاندان ٽي ڄڻا فوت، چار ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي

news

ميرپور ماٿيلو: اوٻاوڙو لڳ رونتي اين 5 موٽر وي تي تيز رفتاري سبب ڪار جو ٽائر برسٽ،خوفناڪ حادثي سبب ڪار ڪلٽيون کائيندي ھيٺ کاھي ۾ وڃي ڪري جنهن جي نتيجي ۾ ڪار سوار ھڪئي خاندان جي ست ڄڻن مان 3 ڄڻا فوت چئن جي حالت ڳڻتي جوڳي رحيم يار خان اسپتال منتقل ڪيو ويو، بدقسمت خاندان حيدرآباد کان اباڻي علائقي باجوڙ ايجنسي ڪي، پي، وڃي رهيا هئا .

تفصيل موجب، اوٻاوڙو لڳ رونتي اين5 موٽر وي تي تيز رفتار ڪار ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڊرائيور جي قابو کان ٻاهر نڪري وئي ۽ڪلٽيون کائيندي موٽر وي کان ھيٺ اوناھي کڏ ۾ وڃي ڪري جنهن ۾ ڪار سوار ھڪئي خاندان جا ست ڄڻا ھر ھڪ ڊرائيور شھاب الدين، زال مسمات مھانه، پٽ عصمت الله، ڪفايت ﷲ، احسانﷲ، ۽ ٻه ڌيئرون ڪومل، ۽بي بي حليمه شامل آهن ڌماڪي جي زور دار آواز تي ڀرپاسي جا ڳوٺاڻا ۽ رونتي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي ويا جن گڏيل امدادي ڪم ڪندي سڀني کي ڪار مان ٻاهر ڪڍيو.

ھڪ نينگر ٿڏي تي فوت ٿي ويو هو ۽ باقي 4 ڄڻن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته ٽن ڄڻن کي اوٻاوڙو اسپتال آندو ويو ڇاڪاڻ ته حادثي واري هنڌ وڌيڪ زخمي رحيم يار خان اسپتال موڪلڻ جي لاءِ ايمبولينس يا ڪا ٻي سواري موجود نه ھئي بعد ۾ طبي امداد ڏيڻ بعد ٽن زخمين کي به نازڪ حالت ۾ رحيم يار خان اسپتال روانو ڪيو ويو آهي.

جتي ھڪ نينگري ۽ ھڪ نينگر زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا، فوتين جو انگ وڌي ٽي ٿي ويو جن ۾ نينگر ڪفايتﷲ، احسانﷲ، ۽ حليمه بي بي شامل آهن،

جڏهن ته شھاب الدين، مسمات مھانه،  نينگري، ڪومل، ۽ نينگر عصمت ﷲ جي به حالت پڻ ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، بدقسمت خاندان حيدرآباد کان پنهنجي اباڻي علائقي باجوڙ ايجنسي، ڪي، پي، وڃي رھيا ھئا ته کين حادثي جو شڪار ٿي ويا،

اطلاع تي اوٻاوڙو اسپتال ۾ ڀرپاسي ۾ رھندڙ پشتون برادري جا سوين ماڻهو اسپتال پهچي ويا ۽ زخمين جي ھر ممڪن مدد لاءِ ڪوششون ڪندا رھيا.