news
اسلام آباد

ڪورونا وائرس: اسلام آباد جا علائقا شهزاد ٽائون ۽ رمشا ڪالوني سيل

اسلام آباد: ڪورونا وائرس جا مثبت ڪيسز سامهون اچڻ کانپوءِ وفاقي گادي واري هنڌ جي علائقن شهزاد ٽائون ۽ ايڇ نائن سيڪٽر ۾ واقع رمشا ڪالوني ايڇ کي سيل ڪيو ويو آهي.

ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد موجب ٻنهي علائقن ۾ ڪورونا وائرس جا مثبت ڪيسز سامهون آيا هئا. سيل ڪرڻ کانپوءِ ٻنهي علائقن ۾ اسلام آباد پوليس، رينجرز ۽ پاڪ فوج مقرر ڪئي وئي آهي.

ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد موجب صحت کاتي جون ٽيمون ٻنهي علائقن جو معائنو ڪري رهيون آهن. شهزاد ٽائون جي گهٽي نمبر 6 ۾ جنازي ۾ شريڪ ماڻهن کي الڳ علحيده ڪمرن ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.